ٽماٽو هڪ ٻوٽي جو ميوو آهي جنهن کي سبزي طور استعمال ڪيو ويندو آهي۔ هي ڏکڻ يا مرڪزي آمريڪا جو ميوو آهي ۽ پندرهين صدي ۾ سڄي دنيا ۾ آندو ويو هيو۔ يورپ ۾ هن کي سورنهين صدي عيسوي ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو پر برطانيه ارڙهين صدي جي شروعات تائين هن جو استعمال نه ڪيو، ڇو ته هن کي زهريلو سمجھيو ويندو هيو۔هن جو رنگ عام طور تي ڳاڙهو هوندو آهي ۽ فولاد ۽ غذائيت سان ڀريل آهي۔

مختلف قسمن جا ٽماٽا

ٽماٽن کي ولايتي واڱڻ به سڏيندا آهن. هن جا گهڻا ئي قسم آهي ڪي وڏا، ڪي ننڍا، ڪي تمام ننڍڙا. هي وڌڻ ۾ ڪين گهٽائيندا آهن. هن جي شڪل تمام سهڻي ٿيندي آهي، خاص جڏهن پچي لال ٿيندا آهن. ٻج جون کلون جنوريءَ تائين پوکجي. پوءِ ڪونڊين مان سلا ڪڍي ٽن ٽن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي رکجن. باغ جي ڪهڙيءَ به زمين ۾ ٿيندا. بهتر آهي ته سال سال ۾ نئين نئين جاءِ تي پوکجن. جيستائين ڦر جهلين تيستائين پاڻي ٿورو ڏجي، ڦر جهلئي کان پوءِ مِئُو پاڻي ڏجي ۽ پٽڙو ڀاڻ به ڏجي. ٽاريون گڏ ڪري مٿي ڪنهن ڪاٺيءَ سان ٻڌي ڇڏجن يا ڪنهن پڃري تي چاڙهي ڇڏجن. ٽماٽن کي انگريزيءَ ۾ لوَهه آپل به چوندا آهن.[1]

تصويرون

سنواريو
  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو