مواد ڏانھن هلو

محمد الادريسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ادريسي کان چوريل)
محمد الادريسي
Muhammad al-Idrisi

سيوتا ۾ ادريسي جو مجسمو
پيدائش 1100ع
سيوتا، المورد خاندان (اڄوڪي اسپين)
وفات 1165ع (عمر 64-65)
سيوتا، الموحد خلافت (اڄوڪي اسپين)
شھرت جو ڪارڻ ٽئبولا روجيريانا
Tabula Rogeriana
'سائنسي پيشو'
شعبو جاگرافيدان، ليکڪ، سائنسدان، نقشا نگار (cartographer)

ابو عبدالله محمد الادريسي (عربي ٻولي: أبو عبد الله محمد الإدريسي القرطبي الحسني السبتي؛ لاطيني ٻولي: Dreses) عرب جو مشهور مؤرخ ۽ جاگرافي نويس هو، محمد الادريسيءَ جي نالي سان بہ سڏيو ويو، سبتہ (Ceuta)، مغرب اقصيٰ (موجودہ اسپین) ۾، 492 ھجری/1099عیسوی ۾ ڄائو. قرطبہ، (اسپين) ۾ تعليم حاصل ڪيائين. آفريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جي سياحت ڪيائين ۽ اتان جي ڪارآمد معلومات حاصل ڪيائين. آخرڪار صقليہ (Scisly) جي نارمن بادشاھ راجر ٻئين کيس پنهنجي درالحڪومت پلرمو ۾ گهرايو. ادريسيءَ سندس فرمائش تي دنيا جو نقشو ۽ مفصل جاگرافي ”نزهت المشتاق“ جي نالي سان تصنيف ڪئي، جيڪا هڪ مستند ڪتاب جي حيثيت سان صدين تائين مشرق ۽ مغرب ۾ مقبول رهي. هن بادشاھ لاءِ چانديءَ جو ڪرو (Tabula Rogeriana) بہ ٺاهيو هو. سال 549 ھجری/1154ع ۾ وفات ڪيائين.[1]

شروعاتي زندگي

[سنواريو]
ادريسي

الادريسي اتر آفريڪا ۽ الاندلس جي حمود خاندان ۾ پيدا ٿيو. مڃيو وڃي ٿو ته الادريسي سال 1100ع ۾ سيوٽا شهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ان وقت الموراودون جي قبضي ۾ هو، جتي هن جو ڏاڏو حمود ملاقہ جي زوال کان پوءِ غرناطہ جي زريون ڏانهن آباد ٿيڻ تي مجبور ٿي ويو هو. هن پنهنجي شروعاتي زندگيءَ جو گهڻو حصو اتر آفريڪا ۽ الاندلس (ان وقت جو مسلم اسپين ۽ پرتگال) جي سفر ۾ گذاريو ۽ لڳي ٿو ته هن ٻنهي خطن بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪئي آهي. هن اناطوليا (موجودہ ترڪي) جو دورو ڪيو جڏهن هو 16 سالن جو هو. هن قرطبہ جي يونيورسٽي ۾ پڙهيو. هن جا سفر هن کي يورپ جي ڪيترن ئي حصن ۾ وٺي ويا جن ۾ پرتگال، پائيرینيز، فرينچ ائٽلانٽڪ ساحل، هنگري ۽ جورويڪ (هاڻي يارڪ جي نالي سان مشهور آهي).

ٽئبولا روجيريانا

[سنواريو]
Reproduction of al-Idrisi's planisphere (as a globe) by the Sharjah Museum of Islamic Civilization (UAE).

نزهت المشتاق

[سنواريو]

طبي لغت

[سنواريو]

مشهور ثقافت ۾

[سنواريو]
  • طارق علي جي ڪتاب ”پالرمو ۾ سلطان“ ۾ بنيادي ڪردار الادريسي هو.
  • ڪرول سيزمانوسڪي جي سال 1926ع جي اوپيرا، "ڪنگ راجر" ۾ الادريسي هڪ اهم ڪردار آهي.
  • الادريسي زين جوخدار جي ناول "دي ميپ آف سالت اینڈ استار" ۾ هڪ مددگار ڪردار آهي.
  • سال 2019ع ۾، فيڪٽم فائونڊيشن الادريسي جي دنيا جي نقشي، بوڊليان لائبريري ۾ موجود نقشن جي بنياد تي نزهت المشتاق جي ڪاپي، جي هڪ تشريح، هڪ سلور ڊسڪ 2 ميٽر قطر جي تيار ڪئي.

گيلري

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]
  • البڪري
  • ابن جبير
  • ابو الصلت
  • نقشا نگاري جي تاريخ
  • اسلامي جاگرافي
  • سائنسدانن جي فهرست

خارجي لنڪس

[سنواريو]

سانچو:Islamic geography

حوالا

[سنواريو]