مواد ڏانھن هلو

امداد علي امام علي قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
05:17, 20 سيپٽمبر 2007ع مطابق قدير مڱريو (بحث | ڀاڱيداريون) (New page: {{مبسس4}}علامه آء آء قاضي جو پورو نالو امداد علي امام علي قاضي آهي. پاڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت، علم ۽ فن، تهذيب ۽ ...) پاران ورجاءُ
(تفاوت) → اڃا پراڻو ورجاءُ | تازو-ترين ورجاءُ (تفاوت) | اڃا نئون ورجاءُ ← (تفاوت)

علامه آء آء قاضي جو پورو نالو امداد علي امام علي قاضي آهي. پاڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت، علم ۽ فن، تهذيب ۽ تمدن جو پارکو ۽ جليل القدر مفڪر ۽ سنڌ جو مايه ناز اديب ٿي گزريو آهي. سندس وڏا انصاري مان اصل پاٽ شهر ضلعي دادو جا ويٺل هئا. علامه صاحب جو والد نوڪري سانگي حيدرآباد ۾ رهندو هو جتي 18 اپريل 1886 تي علامه صاحب جي الادت ٿي.

علامه صاحب ابتدائي تعليم ميان عبدالعزيز وٽ حاصل ڪئي. سنڌي فائنل 1904 ۾ 7 مئٽرڪ 1905 ۾ پاس ڪيائون. 1907 ۾ ولايت ويو، جتي لنڊن ۾ اقتصاديات ۽ نفسيات جي تعليم حاصل ڪئي. فلاسفي ڊاڪٽر آرنلڊ وٽ پڙهيو. 1910 ۾ جرمني ويو. جتي ايلسا نالي هڪ جرمن خاتون سان سندس شادي ٿي. 1911 ۾ بئريسٽريءَ جي ڊگري وٺي واپس وطن آيو.

علامه صاحب پهريائين ٽنڊي محمد خان ۾ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. خير پور رياست ۾ ڪجه عرصو سيشن جج جي حيثيت سان پڻ رهيو. بعد ۾ حيدرآباد ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. ڪجهه عرصو انگلنڊ ۾ لنڊن اسڪول آف اورينٽل لئنگيويجز ۾ سنڌي زبان جو اعزازي استاد رهيو.

علامه صاحب 9 اپريل 1951 تي سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ٿيو.

علامه صاحب امام غزالي *۽ شاه صاحب جي شاعري کان ڏاڍو متاثر رهيو. پاڻ شاه صاحب جو رسالو به ايڊٽ ڪيائون.

علامه صاحب جي ڪهر واريءَ کي سنڌ جا ماڻهو احترام وچان امڙ ايلسا سڏيندا آهن، 28 مئي 1967 تي وفات ڪري وئي. علامه گهر واريءَ جي وفات کان پوءِ گهڻو عرصو نه رهي سگهيو ۽ 13 اپريل 1968 تي پنهنجي جسم کي مهراڻ جي موجن جي حوالي ڪندي موت کي ڀاڪر پاتو. کيس سنڌ يونيورسٽي جي احاتي اندر مسجد جي ۽ ايلسا قاضي جي ڀرسان دفنايو ويو