اقليدس
ڏيک
![](http://178.128.105.246/cars-http-upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/fd/Euclidis_quae_supersunt_omnia.tif/lossy-page1-220px-Euclidis_quae_supersunt_omnia.tif.jpg)
يونان ۾ دنيا جا ڪيترائي وڏا سائنسدان، ڏاها ۽ مختلف علمن جا ماهر پيدا ٿيا، اقليدس به انهن مان هڪ هو. کيس ”رياضيءَ جو اَبو“ ڪوٺيو ويندو آهي. هو ٽي يا ساڍا ٽي سؤ سال ق. م يونان ۾ پيدا ٿيو. جاميٽريءَ تي تمام گهڻو ڪم ڪيائين. سندس ستن مقالن جو ڪتاب ايليمينٽس (Elements)، جاميٽريءَ تي قديم ترين ۽ مشهور ڪتاب آهي، جنهن ۾ نقطي (ٻڙيءَ) بابت بحث ڪيل آهي.[1]