مواد ڏانھن هلو

نائٽروجن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نائٽروجن (nitrogen) ھڪ ڪيميائي عنصر آھي جنھن جي علامت N آھي ۽ ايٽمي نمبر 7 آھي.

نائٽروجن

نائٽروجني چرخو[سنواريو]

سمورن جاندارن کي نائٽروجن جي ضرورت هوندي آهي پر اهي اڪثر نائٽروجن کي سڌوسنئون هوا مان کڻي استعمال نٿا ڪري سگھن. نائٽروجن کي ٻين عنصرن سان ملي ڪري نائٽروجني لوڻَ يا مرڪب (نائٽرائيٽس- NO2 ۽ نائٽريٽس NO3) ٺاهي ٿي. اهو عمل کنوڻ ۽ نائٽروجن ٺھڪائيندڙ يا ٽڪائيندڙ بيڪٽريائن (nitrogen-fixing bacteria) وسيلي ٿئي ٿو. ٻوٽا زمين مان نائٽريٽس مادا کڻن ٿا جن کي وري جانور کاڌي رستي واپرائين ٿا. اهڙي ريت نائٽروجن جو هڪ لڳاتار هلندڙ چڪر شروع ٿئي ٿو جنھن کي نائٽروجن جو ڦيرو سڏيو ويندو آهي.

  1. کنوڻ، نائٽروجن ۽ آڪسيجن سان ملي ڪري شوري جي تيزاب کي ٺاهي ٿي.
  2. شوري جو تيزاب مٽي ۾ نائٽروجني مرڪب (نائٽرائيٽس، NO2) ٺاهي ٿو.
  3. نائٽروجني مادا جوڙيندڙ بيڪٽريا نائٽرائيٽس کي نائٽريٽس ۾ تبديل ڪن ٿا.
  4. ٻوٽا، مٽي مان نائٽريٽس کڻن ٿا.
  5. نائٽروجني مرڪب جوڙيندڙ (Nitrifying) بيڪٽريا نائٽروجن کي نائٽرائيٽس يا نائٽريٽس جي مرڪبن ۾ بدلائين ٿا.
  6. جانور نائٽروجني مرڪبن تي مشتمل ٻوٽن کي کائين ٿا.
  7. جانور جي نيڪالي مادن ۽ ڳرندڙ سڙندڙ ٻوٽن ۾ نائٽروجن جا مرڪب هوندا آهن.
  8. نائٽروجني مرڪبن کي ٽوڙيندڙ (Denitrifying) بيڪٽريا نائٽريٽس کي نائٽروجن گئس ۾ ٽوڙين يا تبديل ڪن ٿا جيڪا هوا ۾ ملي وڃي ٿي.

حوالا[سنواريو]